ميرپورخاص ۾ نتيجن جي تبديلي ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي الزامن واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ اينٽي ڪرپشن کي فرحان اختر، علي گل جلباڻي ۽ زبير ڪاتب خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. عدالت ٽنهي آفيسرن کي انڪوائري ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صولت رضوي ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته انهن آفيسرن جو ڏوهه ڪنٽرولر ميرپورخاص جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. ڪنٽرولر ميرپورخاص انور علي راجپوت شاگردن جا امتحاني نتيجا تبديل ڪري ورتا. وڪيل وڌيڪ چيو ته ٽن ايجوڪيشن آفيسرن ميمبر انسپيڪشن ٽيم کي ٻه خط لکيا هئا، اينٽي ڪرپشن انهن خطن تي انڪوائري کان منع ڪئي هئي، بعد ۾ اينٽي ڪرپشن خط لکڻ وارن آفيسرن خلاف انڪوائري شروع ڪئي. فرحان اختر ڊپٽي سيڪريٽري، علي گل جلباڻي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ زبير ڪاتب تعليم آفيسر آهن. ٽنهي آفيسرن خلاف 20 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
Source link

ميرپورخاص ۾ نتيجن جي تبديلي ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن، عدالت جوابدارن خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

