ايران جي سپريم ليڊر جي صلاحڪار محمد مخبر، آبنائے هرمز تي ڪنٽرول کي ايٽم بم جهڙي طاقت قرار ڏنو ۽ چيو ته ايران ان اهم اسٽريٽجڪ فائدن کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب محمد مخبر جو چوڻ هو ته ايران آبنائے هرمز ۾ پنهنجي جاگرافيائي اهميت ۽ برتري کي ڪافي عرصي کان نظرانداز ڪري رهيو آهي پر هاڻ تهران ان پوزيشن کي پنهنجي وڏي طاقت سمجهي ٿو. هن چيو ته آبنائے هرمز دنيا جي اهم شپنگ لين مان هڪ آهي ۽ ان هنڌ تي ڪنٽرول ڪرڻ سان عالمي معيشت تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. محمد مخبر موجب آبنائي هرمز هڪ اهڙو موقعو آهي جيڪو ايٽم بم جيترو قيمتي آهي ڇو ته هڪ فيصلو عالمي معيشت کي متاثر ڪري سگهي ٿو. سپريم ليڊر جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ايران تازي جنگ ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کان پوئتي نه هٽندو ۽ آبنائے هرمز جي حڪومت کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو. هن چيو ته ايران اها تبديلي عالمي قانون تحت ڪري يا هڪ طرفي، پنهنجي اسٽريٽجڪ پوزيشن برقرار رکندو. ياد رهي ته آبنائے هرمز نار جي علائقي ۾ هڪ اهم شپنگ روٽ آهي، جنهن ذريعي تيل ۽ گئس جو وڏو مقدار موڪليو ويندو آهي، ان ڪري هن خطي ۾ ڇڪتاڻ عالمي معيشت تي فوري اثر وجهي سگهي ٿي.
Source link

آبنائے هرمز تي ڪنٽرول ايٽم بم جي طاقت رکي ٿو: ايراني سپريم ليڊر جو مشورو
Leave a Comment Leave a Comment

