قطر جو وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني اهم سفارتي دوري تي آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن پهچي ويو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب قطري وزيراعظم پنهنجي دوري دوران آمريڪا جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو. جنهن ۾ ايران سان ڇڪتاڻ، جنگ بندي جي ڪوششن ۽ ممڪن امن منصوبي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
قطري سفارتخاني جي ڊپٽي چيف آف مشن حماد المفتاح سوشل ميڊيا تي شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جو استقبال ڪيو ۽ کيس ”امن جو سفير“ قرار ڏنو.
حماد المفتاح وڌيڪ چيو ته قطر خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ جنگ جي سفارتي حل لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
قطري وزيراعظم جو ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ بعد ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به ساڻس ملاقات ڪئي، جيڪو ايران سان ڳالهين واري ٽيم جو سربراهه پڻ آهي.
ياد رهي ته قطر گذريل ڪجهه هفتن کان آمريڪا ۽ ايران جي لاڳاپن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي پر ثالث جي ڪردار تي هن چيو ته پاڪستان اهو ڪردار بهتر نموني ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اسان جو تعاون به شامل هوندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تمام سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ۽ امڪاني معاهدي جي اميد آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ان ڳالهه جو مضبوط امڪان آهي ته ايران اڄ (جمعو) اسان جي امن تجويز جو جواب ڏيندو.
اهڙي صورتحال ۾ قطري وزيراعظم جو آمريڪا جو دورو اهم بڻجي ويو آهي ۽ لڳي ٿو ته آبنائے هرمز ۾ ڇڪتاڻ ۽ آمريڪا-ايران جنگ جو ممڪن حل ويجهو اچي ويو آهي.


