ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ بندرگاهه تي سويابين گيس جي خارج ٿيڻ ۽ موچڙي ۾ زهريلي گيس ڇڏڻ سبب شهرين جي فوتگين بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پبلڪ پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته فائل نه پڙهي وئي، ڪيس جي تياري لاءِ وقت ڏنو وڃي.
درخواستگذار طارق منصور ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته هي اهم ڪيس آهي، جنهن جي فوري ٻڌڻي ڪئي وڃي.
جسٽس يوسف علي سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي به خبر آهي ته معاملو اهم آهي، ان تي به نوٽيس ورتو ويو.
درخواستگذار چيو ته ڏسڻو آهي ته ڇا ڪا رپورٽ سامهون آئي آهي ۽ جاچ ٿي آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان ٻه ڪيس داخل ڪرڻ جو به حوالو ڏنو ويو آهي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وڃي، پر اهو به چيو ته فوري تاريخ نه ٿو ڏئي سگهجي ڇاڪاڻ ته ٻيا اهم ڪيس التوا ۾ آهن.
طارق منصور ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته بندرگاهه تي جهازن مان سويابين جي لوڊشيڊنگ دوران پراسرار گئس ليڪ ٿيڻ سبب فوتگيون ٿيون، جڏهن ته اسپتال کڻي ويندڙ مريضن ۾ ساهه کڻڻ ۾ مشڪلاتون ظاهر ٿيون.
درخواستگذار موجب 2 ڏينهن ۾ 22 زخمين کي اسپتال آندو ويو، جن مان 20 فوت ٿي ويا.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته موڇ ڳڙهه ڪماري ۾ فيڪٽرين مان زهريلي گيس خارج ٿيڻ سبب 18 ٻارڙا پڻ فوت ٿي ويا آهن.
درخواستگذار موجب ان ڪيس ۾ پلاسٽڪ جون 4 فيڪٽريون سيل ڪيون ويون ۽ مالڪ سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته ٻارڙن کي سيني ۾ درد، بخار ۽ ڳلي ۾ سور جون شڪايتون آهن، ٻنهي واقعن جي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.


