برطانيه ايران سان تعلق رکندڙ 12 ماڻهن ۽ ادارن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، انهن تي برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي.
عالمي خابرو اداري موجب برطانوي پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن ۽ تنظيمن تي لاڳو پابندين جو مقصد انساني حقن جي ڀڃڪڙين، پرڏيهي دشمني واري سرگرمين ۽ برطانيا خلاف مبينا خطرن کي روڪڻ آهي.
برطانوي حڪومت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهي ماڻهون حملن جي منصوبابندي، ڳجهي آپريشن ۽ عدم استحڪام پکيڙڻ جي الزام هيٺ گروپن جي مالي مدد ۾ ملوث هئا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته لاڳو ڪيل پابندين ۾ اثاثا منجمد، سفري پابنديون ۽ ڪجهه ماڻهن تي ڪمپني ڊائريڪٽر ٿيڻ تي پابنديون شامل آهن.
برطانيه جو موجوده قانون برطانوي شهرين، ڪمپنين ۽ ادارن کي منع ڪري ٿو ته انهن کي مالي يا تجارتي سهولت فراهم ڪرڻ کان منع ٿيل ماڻهن يا تنظيمن کي.
بيان ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته آپريشن ايران سان لاڳاپيل نيٽ ورڪن ۽ پراکسي گروپن جي سرگرمين جي خلاف ڪيو ويو جن تي يورپ ۾ حملن ۽ ڳجهن سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ برطانيا ۾ يهودي عبادتگاهن، ڪميونٽي سينٽرن ۽ ٻين هنڌن تي حملن ۽ آتشزدگي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي پويان ڪجهه ايراني حمايتي گروپن جو هٿ هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.
برطانوي حڪومت اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا اعتراض اٿاري چڪي آهي ته ايران سان لاڳاپيل عنصر تخريبڪاري، جاسوسي ۽ حملن لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي ڏوهارين کي ڀرتي ڪري رهيا آهن.
برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽرمز چيو ته سندس حڪومت اڳ ۾ ئي ايران جي انقلابي گارڊز خلاف سخت قانون سازي تي غور ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته انهن قانونن تحت ايران سان لاڳاپيل پراڪسي گروپن کي پرڏيهي ڳجهن نيٽ ورڪ قرار ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ ڪم ڪندڙ کي 14 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.


