ڪراچي:
سنڌ حڪومت ميڊيا هائوسز ۽ صحافين لاءِ سهولتون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميڊيا هائوسز ۽ صحافين لاءِ حڪومتي قدمن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ وقتي اطلاعات سيڪريٽري معز پيرزادو، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سارنگ لطيف چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ميڊيا هائوسز ۽ صحافين لاءِ سنڌ حڪومت پاران فراهم ڪيل قدمن ۽ سهولتن جو به جائزو ورتو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڌ سماءَ واري کاتي تحت مڪمل ٿيل فلمي منصوبن جي مستقبل، پبلسٹی ۽ موثر استعمال جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي نگراني ۾ ٺاهيل فلمن جي پروجيڪٽ جي پروموشن واري حڪمت عملي تي به تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته فلم پروجيڪٽ جو بنيادي مقصد قومي داستان کي فروغ ڏيڻ، سماج ۾ مثبت رجحانن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي ۽ فروغ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي اصل ثقافت، تاريخ، سماجي حسن کي جديد انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪيو وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مثبت ۽ ذميوار صحافت سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سنڌ حڪومت ميڊيا هائوسز ۽ صحافين سان سهڪار وڌائڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف معاملن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.


