ڀارتي فوج پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، مني پور ۾ عليحدگي پسندن آسام رائفلز جي ڪيمپ تي قبضو ڪري ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مودي سرڪار جي انتهاپسند ۽ تعصب پرست پاليسين جي ڪري رياست مني پور ۾ علحدگي پسند تحريڪ زور وٺي چڪي آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مني پور ۾ عليحدگي پسند تحريڪ جا ميمبر ڀارتي فوج جي آسام رائفلز ڪيمپ ۾ داخل ٿي رهيا آهن.

علحدگي پسند تحريڪ جا هٿياربند ميمبر آسام رائفلز ڪيمپ ۾ آزاديءَ سان گھمندا ڏسي سگهجن ٿا. وائرل وڊيو ۾ ڀارتي وزيراعظم، گهرو وزير ۽ مني پور جي وڏي وزير کي بزدل چيو ويو آهي.

ماهرن موجب علحدگي پسند گروپ پاران آسام رائفلز ڪيمپ تي قبضو ظاهر ڪري ٿو ته ڀارتي فوج پنهنجي دفاع ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

مني پور کان علاوه آسام، ناگالينڊ ۽ ٻين رياستن ۾ هندستان جي ظالم حڪمراني خلاف علحدگي پسند گروپ پنهنجي جدوجهد جاري رکي رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment