سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهر ۾ غير قانوني بل بورڊز لڳائڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.
عوامي هنڌن تي گينٽري بورڊ لڳائڻ خلاف شهري عدالت سان رجوع ڪري ورتو، درخواست ۾ ميئر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي، صدر ٽائون، ڪراچي ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو ۽ ٻين ادارن کي ڌر بڻايو ويو آهي.
عدالت درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي 20 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ميٽرو پول هوٽل، شاهراهه فيصل، پنجاب چورنگي سميت مختلف هنڌن تي غير قانوني طور بورڊ لڳايا ويا آهن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حددخليون ۽ سرڪاري جاين جو ڪمرشل استعمال شهرين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، وڪيل نواز ڏاهري دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ واضح طور تي سرڪاري ملڪيتن تي بل بورڊ لڳائڻ تي پابندي لڳائي آهي.
ايڊووڪيٽ نواز ڏاهري جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم باوجود ادارا ميونسپل پرمٽ جي آڙ ۾ ڪمرشل جنٽري لڳائڻ ۾ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ڏکڻ ضلعي ۾ فوٽ پاٿن ۽ پبلڪ پراپرٽيز تي ڪمرشل جنٽري اشتهاري اڏاوتن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.
درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي آهي ته نامزد پارٽين کي حڪم ڏنو وڃي ته فوري طور تي تڪراري گرينٽري بورڊز جي اڏاوت ۽ انسٽاليشن کي روڪيو وڃي، درخواست ۾ ٽي ايم سي صدر جي حدن ۾ لڳل سمورن اشتهاري اڏاوتن کي هٽائڻ ۽ ڊاهڻ جو حڪم پڻ ڏنو وڃي.


