چين پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته هو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ آبنائے هرمز کي ٻيهر کولڻ لاءِ ثالثي جون ڪوششون تيز ڪري.
چيني خابرو اداري موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي پاڪستاني هم منصب اسحاق ڊار سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال، ايران آمريڪا ڇڪتاڻ ۽ جنگ بندي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب اسحاق ڊار چيني پرڏيهي وزير کي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي ثالثي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۾ سهڪار تي چين جو شڪريو ادا ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ وڌيڪ ويجهن تعاون کي جاري رکندا.
چيني پرڏيهي وزير وانگ ي پاڪستان جي ڳالهين جي سهولت ۽ عارضي جنگ بندي ۾ واڌ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اسلام آباد خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکي.
شينهوا موجب وانگ يي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آبنائے هرمز جي بندش عالمي واپار ۽ تيل جي ترسيل کي سخت متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ملڪ اهم شپنگ روٽ ٻيهر کولڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ مصروف آهن.


