طالبان حڪومت جي ناقص معاشي پاليسين سبب افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


طالبان حڪومت جي ناقص معاشي پاليسين سبب افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو.

قابض طالبان جي دور ۾ افغانستان ۾ غربت، بک ۽ بدحالي سنگين صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي، مفلوج حڪومتي نظام ۽ معيشت جي تباهي سان افغانستان هڪ ناڪام رياست جو عڪس پيش ڪري رهيو آهي.

افغان خبرن جي ايجنسي آريانا نيوز ۽ طلوع نيوز موجب گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته طالبان جي حڪومت ۾ افغانستان ۾ بک ۽ خوراڪ جي عدم تحفظ جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته طالبان حڪومت جي نااهلي سبب افغانستان هن وقت ڪيترن ئي بحرانن جهڙوڪ معاشي تباهي ۽ وڏي پيماني تي بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ماهرن موجب طالبان حڪومت ملڪ جا وسيلا عوام جي خوشحالي بدران دهشتگردن جي مدد لاءِ وقف ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جا نتيجا افغان عوام ڀوڳي رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment