ڪراچي؛ منشيات فروشن جي الزام ۾ گرفتار نرگس عرف ملاڪا 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



جڊيشل مئجسٽريٽ ملير لکين رپين جي منشيات هٿ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نرگس عرف ملاڪا کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس لکين روپين جي 35 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار نرگس عرف ملاڪا کي جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جتي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار کان جاچ ڪئي وڃي ۽ جوابدارن جي ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي. جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته معلوم ڪرڻو آهي ته جوابدار ڪٿان کان منشيات خريد ڪندا هئا، جوابدار وٽان لکين رپين جي اعليٰ قسم جي چرس هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار کي قائد آباد پوليس خداداد قبرستان سواتي محلي مان گرفتار ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار وٽان هٿ آيل چرس جي ماليت 60 لک رپين کان وڌيڪ آهي ۽ سندس قبضي مان هڪ لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار ڪراچي جي مختلف پوش علائقن ۾ منشيات وڪرو ڪندو هو، سندس خلاف قائد آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment