عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ايڪسپريس نيوز موجب عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر جي گهٽتائي سان 4 هزار 525 ڊالر في اونس ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مقامي بلين مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي سبب في تولو سون جو اگهه 500 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 74 هزار 862 رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي طرح سون جي 10 گرام جو اگهه به 429 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 7 هزار 117 رپيا ٿي ويو. مقامي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 83 رپيا گهٽتائي سان 8034 رپيا ٿي ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment