واشنگٽن:
اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران پاليسي تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته سندس دور ۾ تهران سان معاملو فوجي ڪارروائي کانسواءِ حل ٿي ويو هو، جڏهن ته موجوده ڇڪتاڻ خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ بارڪ اوباما دعويٰ ڪئي ته سندس انتظاميا ڳالهين ذريعي ايران جي افزوده يورينيم جي پروگرام ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ڪئي آهي ۽ ان لاءِ جنگ يا وڏي فوجي تڪرار جي ضرورت ناهي.
اوباما چيو ته ان وقت نه ته وڏي پيماني تي خونريزي ٿي هئي، نه آبنائي هرمز بند هئي ۽ نه ئي خطي کي اهڙي ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻو پيو جيئن اڄ ڏٺو وڃي ٿو.
هن چيو ته ٽرمپ انتظاميه جي سخت پاليسين باوجود ايران جي حوالي سان گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا آهن.
اڳوڻي آمريڪي صدر اهو بيان اهڙي وقت ڏنو آهي جڏهن صدر ٽرمپ ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي اوباما دور جي ايران پاليسي تي تنقيد ڪئي هئي.
ٽرمپ الزام هنيو هو ته اوباما انتظاميه ايران تي غير معمولي نرمي ڪئي ۽ تهران کي مالي طور تي مضبوط ٿيڻ جي اجازت ڏني.
هن چيو ته اوباما دور ۾ ايران کي ڪيش سميت اربين ڊالر امداد ڏني وئي، جنهن جو فائدو ايراني حڪومت کي ٿيو.
پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ اوباما کي ڪمزور اڳواڻ قرار ڏيندي چيو ته ان دور ۾ ايران کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيو.


