مودي جي G7 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت هندستان لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نريندر مودي جي گروپ آف 7 (G7) جي اجلاس ۾ شرڪت خود هندستان لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي وئي آهي.

پاڻ کي عالمي ليڊر طور پيش ڪندي مودي جي آمريڪي صدر سان ملاقات مهانگي ٿي وئي. ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين اقتدار ۾ رهندڙ مودي آمريڪي صدر سان ڳالهه ٻولهه دوران نروس بريڪ ڊائون جو شڪار ٿي ويو.

مودي جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ جي سامهون هڪ لفظ به نه چئي سگهيو، آمريڪي صدر کيس قاتل قرار ڏنو. مودي، جيڪو ٽيلي پرمپٽر جي مدد سان تقرير ڪري رهيو هو، پنهنجي هٿ ۾ پرچي کڻي به اعتماد سان ٽرمپ جي سامهون ٻه لفظ نه چئي سگهيو.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ڪاڪروچ جنتا پارٽي طنزيه ٽوئيٽ ۾ چيو ته مودي ٽيلي پرمپٽر کانسواءِ ميٽنگ ۾ هڪ لفظ به نٿو ڳالهائي سگهي.

عالمي جرنل الجزيره موجب جي 7 سربراهه اجلاس دوران آمريڪي صدر ٽرمپ مودي کي قاتل قرار ڏنو. واضح رهي ته 2002 ۾ گجرات ۾ مودي جي حڪم تي ٿيندڙ فسادن ۾ سوين مسلمانن کي قتل ۽ جيئرو ساڙيو ويو هو.

ڀارتي نوجوان تحريڪ ڪاڪروچ جنتا پارٽي به آمريڪي صدر سان ملاقات ۾ مودي جي رويي تي تنقيد ڪئي.

ڀارتي تجزيه نگار سوشانت سارين موجب هن ڀيري به آمريڪا ڀارت تي ڳري ٽيرف ۽ دٻاءُ وجهي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو ڊرامو ڪيو. مودي حڪومت ڀارت بابت آمريڪي روش تي اکيون بند ڪري حقيقت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment