نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ اسلام آباد کي مفاهمت جي يادداشت تي مبارڪباد ڏني ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ دوران مستقبل ۾ ويجهن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جمعي جي شام ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن چيو ته اسحاق ڊار به ڳالهين جي ايندڙ مرحلي جي شروعات لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، اميد آهي ته اهو عمل بهتر نموني سان اڳتي وڌندو ۽ مثبت نتيجا نڪرندا. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي تعميري ۽ مسلسل سفارتي ثالثي جي ڪوششن تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ اسرائيل طرفان جنگبندي جي مبينا ڀڃڪڙين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. عباس عراقچي 30 ايراني شهرين جي وطن واپسي ۾ پاڪستان جي سهڪار تي اسحاق ڊار جو به شڪريو ادا ڪيو، جن ۾ برطانيا طرفان سمنڊ مان بچايو 8 ايراني ماهيگير ۽ آمريڪا طرفان تازو ئي حراست ۾ ورتل 22 عملدار شامل آهن، جن جي وطن واپسيءَ جو بندوبست پاڪستان ذريعي ڪيو پيو وڃي. ڳالهين دوران ٻنهي طرفن گڏيل رابطن ۽ مشاورت کي جاري رکڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو ۽ مستقبل ۾ ويجهن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
Source link

اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير کي ٽيليفونڪ رابطو، ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار
Leave a Comment Leave a Comment

