چيني صدر آبنائي هرمز جي معاملي ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي: آمريڪي صدر

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بيجنگ:

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته چيني صدر شي جن پنگ باضابطه طور تي ايران سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ خليج ۾ سامونڊي ٽريفڪ لاءِ انتهائي حساس آبنائي هرمز کي کليل رکڻ لاءِ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.

آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته صدر شي جن پنگ ايران سان جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

ٽرمپ موجب چين پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ ايران کان تيل خريد ڪرڻ جاري رکڻ چاهي ٿو، ان ڪري هو آبنائي هرمز بند ڪرڻ جي حق ۾ ناهي ۽ چاهي ٿو ته تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ پائيدار معاهدو جلد ٿي وڃي.

آمريڪي صدر وڌيڪ واضح ڪيو ته چين يقين ڏياريو آهي ته هو ايران کي فوجي سامان فراهم نه ڪندو.

هن دوري دوران نه رڳو سفارتي پر اهم اقتصادي فيصلا ڪيا ويا. چين آمريڪا کان 200 بوئنگ جهاز خريد ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، جنهن کي آمريڪي صنعت جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي.

صدر ٽرمپ جي اعزاز ۾ ڏنل گالا ڊنر دوران چيني صدر شي جن پنگ جو لهجو انتهائي دوستاڻو هو.

ٻنهي ملڪن کي حریف بدران ڀائيوار قرار ڏيندي هن چيو ته صدر ٽرمپ جو آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائڻ جو نعرو چين جي ترقي جي هدفن جي برابر آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment