والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيلي قوم پرستن يروشلم تي قبضي جي 60 هين سالگرهه جي موقعي تي پريڊ ڪئي ۽ نسل پرستي جا نعرا هنيا.
ميڊيا رپورٽن موجب هزارين اسرائيلين والاريل بيت المقدس ۾ 6 ڏهاڪا اڳ جنگ ۾ اوڀر يروشلم تي قبضي جي ياد ۾ سالياني پريڊ منعقد ڪئي.
پريڊ دوران فلسطينين خوف سبب پاڻ کي گهرن اندر بند ڪري ڇڏيو.
اسرائيلين مسلم ڪوارٽر کان پريڊ جي شروعات ڪئي جڏهن ته ڪجهه مظاهرين، جن ۾ اڪثريت نوجوان هئا، اسرائيلي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ ”پنهنجي ڳوٺن کي ساڙيو“ ۽ ”مرگ بر عربن“ جا نعرا هنيا.
واضح رهي ته اسرائيل 1967ع جي وچ اوڀر واري جنگ ۾ اوڀر يروشلم تي قبضو ڪيو ۽ بعد ۾ ان کي ملائي ڇڏيو، اهڙي قدم کي گڏيل قومن ۽ اڪثر ملڪن تسليم نه ڪيو.


