سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار منشيات فروشن جي الزام ۾ گرفتار جوابدار پنڪيءَ کان جاچ جي حوالي سان چيو آهي ته پنڪي اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ به ڪارروايون ڪندي هئي ۽ سندس جوابدارن جا نالا به سامهون آيا آهن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر بلال جدون ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چيو ته منهنجي تڪ پي ايس 109 هجرت ڪالوني ۾ کليل نموني منشيات وڪرو ٿي رهي آهي، ريلوي ٽريڪ تي به کليل نموني منشيات وڪرو ٿي رهي آهي. هن چيو ته نيپئر روڊ پان منڊي ۾ منشيات ذريعي نوجوان نسل کي تباهه ڪيو پيو وڃي، پنڪي جو چوڻ آهي ته مان ٻاهر نڪرندس اسان جي نظام تي کلڻ آهي، پنڪي جو عدالتي پروٽوڪول اسان جي نظام جي منهن تي چماٽ آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته پنڪي کي گرفتار ڪرڻ تي سندس ساراهه جي ضرورت آهي، جڏهن ته جن پوليس اهلڪارن پنڪي کي پروٽوڪول ڏنو، انهن کي معطل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته کين گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ پوليس انٽيليجنس ايجنسي جي مدد سان پنڪي کي گرفتار ڪيو، پنڪي کي ريمانڊ تي ورتو ويو آهي ۽ معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسيمبلي ۾ موجود سڀ ذميوار آهيون ۽ اسان کي ذميواري ڏيکارڻي آهي، جيڪڏهن جاچ ٿي ته پاڻ ٻڌائيندس. ضياءَ لنجار چيو ته شيون اسان جي گهرن ۽ ٻارن تائين پهچي چڪيون آهن، نئون نسل تباهه ٿي ويو آهي، اسان چاهيون ٿا ته شيون ٺيڪ ٿين ۽ ان ڪيس کي رول ماڊل بڻائينداسين. گهرو وزير چيو ته پنڪي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ به ڪارروايون ڪري رهي هئي، انهن جوابدارن جا نالا به سامهون آيا آهن، ڪنهن تي به مِٽي نه اڇلايو وڃي. جيڪو به منشيات وڪرو ڪندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، شرجيل ميمڻ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته منشيات جي خريد و فروخت پريشاني جو باعث آهي، اسان سخت مهم هلائي، جڏهن مان ايڪسائيز وارو وزير هو ته مون چيو هو ته صوبائي اسيمبلي جو هر ميمبر پاڻ کي منشيات جو وزير سمجهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته منشيات سنڌ جو مسئلو آهي، هي مسئلو رڳو سنڌ جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي، هر ڪنهن جي ذميواري آهي ته پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسان کي سنڌ مان منشيات جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻو آهي، انمول عرف پنڪي جي گرفتاري اسان جو عزم آهي، منشيات وڪرو ڪندڙن کي ماريو ۽ پڪڙيو ويو. شرجيل ميمڻ چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي اسيمبلي فلور تي تقرير ڪرڻ گهرجي ها، علي سهري جي تقرير جي سخت مذمت ڪريان ٿو، پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪندس، جيڪو به منشيات وڪرو ڪندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته ڊگهي لسٽ آهي ان ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، مختلف کاتن جي ماڻهن جا نالا آهن پر منشيات کي ختم ڪرڻو پوندو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته حڪومت جي نيت صاف آهي، اجلاس دوران فريال ٽالپر پوليس آفيسرن کي سختي سان چيو ته منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو وڃي، توهان ڄاڻ ڏيو، ڪارروائي ڪنداسين. شرجيل ميمڻ مخالف ڌر جي بيانن تي تنقيد ڪندي چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني ليڊر به سياسي پوائنٽ اسڪور ڪئي. ايڪسائيز کاتو به ڪارروائي ڪري رهيو آهي، مڪيش چاولا صوبائي ايڪسائيز وزير مڪيش چاولا چيو آهي ته ڪارروايون پوري قوت سان جاري آهن، پنڪي جي گرفتاري سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ڪاميابي آهي، اهڙي ڪارروائي سان وڏو فرق پوندو. هن چيو ته ايڪسائيز به ڪارروائي ڪري رهي آهي، اسان 700 ڪلو برف هٿ ڪئي، منشيات خلاف ڪم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، منشيات وڏي بيماري آهي.
Source link

پنڪي اسلام آباد، پنجاب ۾ به ڪارروائي ڪري رهي هئي، گراهڪن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، صوبائي وزير
Leave a Comment Leave a Comment

