پاڪستاني اداڪار، ميزبان ۽ ڳائڻي احمد علي بٽ اداڪارا هانيا عامر کي جديد دور جي ليجنڊ اداڪارا بابرا شريف جو عڪس قرار ڏيندي مداحن جو ڌيان ڇڪايو.
سينيئر اداڪار غلام محي الدين سان پنهنجي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي احمد علي بٽ چيو ته جيڪڏهن ڪلاسڪ فلم ”ميرا نام هي محبتن“ جو ريميڪ ڪيو وڃي ته ان ۾ بابره شريف جي ڪردار لاءِ هانيا عامر مناسب چونڊ ٿي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته هانيا جي معصوم شخصيت، دلڪش انداز ۽ جين زيڊ اپيل کيس بابره شريف جي ياد ڏياري ٿي. غلام محي الدين به انهيءَ راءِ سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته هانيه جي جسم ۾ به اها ئي توانائي آهي، جيڪا بابره شريف جي آهي.
ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مداحن ٻنهي اداڪارائن جي انداز ۾ ڀيٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.







