اسرائيل حماس جي ڪمانڊر عزالدين الحداد کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هن غزه شهر تي هوائي حملي ۾ حماس جو ڪمانڊر عزالدين الحاد مارجي ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ بچاءَ واري وزير يسرايل ڪيٽز هڪ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته عزالدين اسرائيلي دفاعي فورسز جي قتل، اغوا ۽ زخمين جو ذميوار آهي.

اسرائيلي اختيارين موجب غزه ۾ المعاتز نالي هڪ رهائشي عمارت کي ٻن ڌار ڌار طرفن کان هڪ ئي وقت فائر ڪيل ٽن ميزائلن جو نشانو بڻايو ويو، ان کان اڳ هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو.

غزه ۾ جنگبندي جي باوجود اسرائيل طرفان غزه تي اهو تازو حملو آهي. ٻئي طرف حماس ۽ اسرائيلي طرفان اڃا تائين ان دعويٰ جي تصديق ناهي ڪئي وئي.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون پر زخمين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ٻئي طرف عمارت مان هڪ لاش ۽ ڪيترن ئي زخمين کي ڪڍيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment