ڪويت سٽي/مناما/واشنگٽن: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ نار واري علائقي کي نئين ۽ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪا پاران ايراني بندرگاهن تي بحري بندش ٻيهر لاڳو ڪرڻ ۽ ايران تي مسلسل چوٿين ڏينهن هوائي حملن کانپوءِ خطي ۾ فوجي سرگرمين ۾ نمايان اضافو ڏٺو پيو وڃي.
آمريڪي اختيارين موجب واشنگٽن ايران خلاف نئين فوجي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، گذريل مهيني عارضي جنگبندي ۽ مفاهمت جي يادداشت جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي فوج مختلف ايراني فوجي هدفن کي نشانو بڻايو آهي، جن ۾ ميزائل، ڊرون ۽ ساحلي دفاعي تنصيب شامل آهن.
ٻئي طرف ايران به ميزائلن ۽ ڊرونز سان جوابي ڪارروائي ڪئي. انهن حملن جي ڪري آبنائے هرمز ۽ نار جي علائقي ۾ سامونڊي سيڪيورٽي جا خدشا وڌي ويا آهن.
ڪويت جي بچاءَ واري وزارت موجب ملڪ جي هوائي دفاعي نظام ڪيترن ئي ايراني ڊرونز ۽ ٻين فضائي هدفن کي ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو. آفيسرن اهو پڻ چيو ته ڪويت جو هڪ جهاز حملي هيٺ آيو، جنهن ۾ ڪجهه اهلڪار زخمي ٿيا، پر وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا.
بحرين ۾ به صورتحال ڇڪتاڻ واري رهي، جتي ممڪنه هوائي خطري جي اڳڪٿي ۾ سڄي ملڪ ۾ هوائي حملن جا سائرن وڄايا ويا. آفيسرن شهرين تي زور ڀريو ته هو احتياط ڪن ۽ حڪومتي هدايتن تي عمل ڪن.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران ڳالهين جي ميز تي نه آيو ته ايندڙ هفتي فوجي ڪارروائي جو دائرو وڌايو ويندو. هن اشارو ڏنو ته ايران جا پاور پلانٽس ۽ اهم پل به ممڪن هدفن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.
ماهرن موجب، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هن تازي فوجي تڪرار عالمي شپنگ، تيل جي فراهمي ۽ هرمز جي علائقي ۾ علائقائي امن جي حوالي سان نوان خدشات پيدا ڪري ڇڏيا آهن. عالمي برادري صورتحال تي ويجهي کان نظر رکي رهي آهي، جڏهن ته سفارتي ڪوششن ذريعي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اپيلون به جاري آهن.


