آمريڪي ايران جنگ؛ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 90 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جا اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. قيمتون ٻيهر 90 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي ويون آهن.

عالمي خابرو اداري موجب عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت 1.8 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 90.84 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل جي قيمت ۾ به نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

ان دوران عالمي توانائي جي ماهر ۽ بين الاقوامي توانائي ايجنسي جي سربراهه فتح بيرول خبردار ڪيو آهي ته موجوده صورتحال عالمي توانائي جي سلامتي لاءِ سنگين چئلينج بڻجي سگهي ٿي.

تيل جي اگهن ۾ تازي ڇڪتاڻ جو سبب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي فوجي ڇڪتاڻ آهي، جنهن دوران آبنائے هرمز ۾ تجارتي جهازن تي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته يمن جي حوثي باغين سعودي عرب خلاف بحري بندش جو اعلان ڪيو آهي.

ان کان سواءِ آبنائي هرمز کانپوءِ ٻين آبي رستن، بحر احمر ۽ باب المندب جي بندش جا خطرا مضبوط ٿي ويا آهن، جتي ڪمرشل شپنگ جا موقعا گهٽجي رهيا آهن.

آبنائے هرمز دنيا جي اهم تيل کڻڻ واري لنگهن مان هڪ آهي، جتان هر روز لکين بيرل خام تيل عالمي مارڪيٽن تائين پهچندو آهي. اهڙي طرح باب المندب ڳاڙهي سمنڊ کي نار عدن سان ڳنڍيندڙ مکيه سامونڊي رستو آهي.

انهن ٻن واٽر ويز ۾ ڪا به رڪاوٽ عالمي توانائي جي فراهمي جي زنجير کي سنجيده متاثر ڪري سگهي ٿي، ڇو ته سيڙپڪار ڪنهن به نئين ترقي تي ويجهي نظر رکي رهيا آهن.

ياد رهي ته جيڪڏهن خام تيل جي قيمت 90 ڊالر کان مٿي رهي يا وڌيڪ مهانگو ٿيو ته سڄي دنيا ۾ تيل، ٽرانسپورٽ، بجلي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment