آءِ سي سي گورننس جي مسئلن تي وڏي ڪرڪيٽ بورڊ جي فنڊنگ منجمد ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ ڪينيڊا جي فنڊنگ کي 6 مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته گورننس جي سنگين خدشن سبب ڪينيڊين ڪرڪيٽ بورڊ کي وڏو مالي ڌڪ لڳو آهي. آءِ سي سي هن هفتي ڪرڪيٽ ڪئناڊا کي فيصلي کان آگاهه ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب فنڊنگ جي معطلي سان قومي ٽيمن جي ڪرڪيٽ سرگرمين يا اعليٰ ڪارڪردگي جي پروگرامن تي فوري اثر نه پوندو، جڏهن ته ڪرڪيٽ ڪينيڊا جي آمدني جو وڏو حصو آءِ سي سي جي فنڊن تي مشتمل آهي. 2024 جي مالي بيانن جي مطابق، بورڊ جي ڪل آمدني جو تقريباً 63 سيڪڙو آئي سي سي پاران مهيا ڪيل فنڊنگ مان هو، جيڪو تقريباً 3.6 ملين ڪينيڊين ڊالرن جي برابر آهي. آئي سي سي اڃا تائين انهن گورننس جي مسئلن جي مڪمل تفصيل جاري نه ڪئي آهي، پر ڪئناڊا ۾ نشر ٿيندڙ هڪ تحقيقاتي پروگرام ڪرڪيٽ ڪئناڊا ۾ مالي نگراني جي گهٽتائي ۽ آئي سي سي جي پاليسين جي مبينه خلاف ورزي کي ظاهر ڪيو. ڪرڪيٽ ڪئناڊا ڪجهه وقت کان مختلف تڪرارن ۾ ڦاٿل آهي. تازو ئي ڪينيڊا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ به آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي جاچ جو حصو بڻجي وئي، جڏهن ته اڳوڻي هيڊ ڪوچ خرم چوهان هڪ مبينا آڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ اڃا جاچ هيٺ آهي جنهن ۾ اڳوڻي بورڊ ميمبرن تي رانديگرن جي چونڊ ۽ ميچ فڪسنگ تي دٻاءُ وجهڻ جو الزام لڳايو ويو هو. ان دوران، ڪرڪيٽ ڪينيڊا جي انتظاميا اڳ ۾ ئي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو سلمان خان جي مقرري ۽ بعد ۾ برطرفي تي آگاهي هيٺ اچي چڪو آهي. رپورٽن مطابق مٿس ماضيءَ جون سزائون ظاهر نه ڪرڻ جو الزام هو، جڏهن ته ڪيلگري پوليس به مٿس فراڊ ۽ چوري جا الزام داخل ڪيا، جنهن کي هن انڪار ڪيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment