وفاقي حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي يقين ڏياريو آهي ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري کي تيز ڪيو وڃي ۽ پاور ڪمپنين جو وڪرو 2027ع کان شروع ڪيو ويندو ۽ 2035ع تائين اسپيشل اقتصادي زونز لاءِ ٽيڪس مراعات ختم ڪرڻ جو منصوبو به شيئر ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاران بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري لاءِ متبادل پلان پڻ پيش ڪيو ويو. اختيارين موجب جيڪڏهن بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري ممڪن ناهي ته ڪجهه ڪمپنين کي ضم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته 2027ع جي شروعات ۾ اسڪو، گيپکو ۽ فيسڪو جا 51 کان 100 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪيا ويندا جڏهن ته انتظاميا جو ڪنٽرول به خانگي شعبي ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. حڪومت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو آهي ته 27 سرڪاري ادارن جي نجڪاري تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي، پي آءِ اي ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري جا معاهدا مڪمل ٿي ويا آهن، جڏهن ته روزويلٽ هوٽل لاءِ نئين مالياتي صلاحڪار جي مقرري ۾ به دير ٿي وئي آهي. آفيسرن جو چوڻ هو ته حڪومت آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته معيشت ۾ رياست جو ڪردار محدود هوندو ۽ ڪاروباري فريم ورڪ، ٽيرف سڌارن ۽ غير ضروري پابندين کي هٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ حڪومت معاشي استحڪام لاءِ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ، مالياتي نظم و ضبط برقرار رکڻ، بجلي ۽ گيس جي قيمتن کي برابر رکڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته ٽارگيٽيڊ امداد ذريعي ڪمزور طبقن جي تحفظ کي به يقيني بڻايو ويو آهي ۽ آءِ ايم ايف معاشي سڌارن، شفافيت ۽ ڪرپشن خلاف موثر قدمن کي ڪامياب نجڪاري لاءِ ضروري قرار ڏنو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته اڪثر ڪمرشل رياستي ادارن ۾ آزاد بورڊن جي مقرري جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.
Source link

وفاقي حڪومت پاران آءِ ايم ايف کي سرڪاري شعبي جي ادارن جي نجڪاري کي تيز ڪرڻ جي خاطري
Leave a Comment Leave a Comment

