ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (KPT) ڪنٽينر پورٽ پرفارمنس انڊيڪس (CPPI) 2025 ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪري عالمي رينڪنگ ۾ 99هين کان 69هين نمبر تي اچي ويو آهي.
KPT جو CPPI سکور 30.0 مان وڌي 45.7 ٿي ويو. ڪي پي ٽي جي ترجمان موجب
هي غير معمولي ترقي KPT جي آپريشنل فضيلت جي عزم ۽ KPT ٽيم جي انتھک محنت جو عڪاسي آهي، جيڪو بندرگاهه جي ڪارڪردگي ۽ عالمي مقابلي کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ڪي پي ٽي اختيارين 2027 تائين دنيا جي ٽاپ 50 بندرگاهن ۾ شامل ٿيڻ جو عزم ڪيو آهي.
ياد رهي ته ڪراچي پورٽ جي سرگرمين ۾ مالي سال 26-2025ع دوران نمايان اضافو ٿيو ۽ مالي سال 2017-2018 کانپوءِ 2000 جهازن جي آمد ۽ روانگي رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪارگو هينڊلنگ 8.44 ملين ٽن کان وڌي وئي جڏهن ته جهازن جي آمد مالي سال 2024-2025 جي ڀيٽ ۾ 7.5 سيڪڙو وڌيڪ هئي جڏهن ته ڪارگو هينڊلنگ ۾ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.


