خيبرپختونخواهه ۾ گهر تي مارٽر گولا گرڻ جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



خيبرپختونخواهه جي ملورڊ ٿاڻي جي علائقي ڪڙپا ۾ اڻڄاتل طرف کان فائر ڪيل مارٽر گولو هڪ گهر تي ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڌماڪي کانپوءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون ۽ زخمين کي فوري طور تي ڊوگرا ۽ ايف سي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ٻين زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته مارٽر فائر جو رخ ۽ ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ جاچ جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment