مشهور ڀارتي اداڪار ڀارت ڪپور لاڏاڻو ڪري ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڀارتي فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري هڪ سينيئر ۽ تجربيڪار فنڪار کان محروم ٿي ويو آهي، نامياري اداڪار ڀارت ڪپور 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ڀارت ڪپور جي لاڏاڻي جي تصديق اداڪار اوتار گل به ڪئي، جنهن موجب ڀارت ڪپور گذريل ٽن ڏينهن کان سخت بيمار هو ۽ سندس جسم جا ڪيترائي اهم عضوا ڪم ڪرڻ بند ٿي ويا هئا. 15 آڪٽوبر 1945ع تي جنم وٺندڙ ڀارتي ڪپور تقريباً چئن ڏهاڪن تي محيط شوبز جي دنيا ۾ هڪ ڊگهو ۽ يادگار سفر ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪئي ۽ جلد ئي پنهنجي منفرد اداڪاري جي ڪري فلمي دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪري ورتو. ڀارت ڪپور پنهنجي گہرے ۽ متاثر ڪندڙ آواز، مضبوط اظهار ۽ جاندار اداڪاري، خاص ڪري منفي ڪردارن ۾ مشهور هو. هن نه رڳو فلمن ۾ پر ٽي وي ڊرامن ۾ به پنهنجي فن سان ناظرين کي متاثر ڪيو ۽ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. هن جون ڪيتريون ئي يادگار فلمون آهن جن ۾ ’قربان‘، ’نوري‘، ’بازار‘، ’غلامي‘، ’منڊي‘ ۽ ’رئيس زاده‘ شامل آهن. هر ڪردار ۾ سندس پرفارمنس سامعين کي متاثر ڪيو ۽ کيس هڪ ورسٽائل اداڪار طور سڃاتو ويو. ڀارت ڪپور جي لاڏاڻي جي خبر سامهون اچڻ سان ئي شوبز حلقن ۽ مداحن ۾ غم جي لهر ڇانيل آهي ۽ سوشل ميڊيا تي سندس لاءِ دعائن ۽ خراج تحسين جو سلسلو جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment