مشهور هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مشهور فلم سيريز ٽاپ گن جي مداحن کي پرجوش ڪري ڇڏيو آهي.
انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ اعلان ۾ هن چيو ته ‘ٽاپ گن’ ۽ ان جو سيڪوئل ‘ٽاپ گن: ماورڪ’ هڪ محدود عرصي تائين ٿيئٽرز ۾ ٻيهر رليز ڪيو ويندو.
اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ ٻنهي فلمن جا پوسٽر شيئر ڪندي لکيو ته فلمون صرف هڪ هفتي لاءِ 13 مئي کان وڏي اسڪرين تي واپس اچي رهيون آهن.
خبر سامهون ايندي ئي سندس مداحن سوشل ميڊيا تي خوشي جو اظهار ڪندي ان کي پراڻين يادن کي تازو ڪرڻ جو سونهري موقعو قرار ڏنو.
ياد رهي ته ٽاپ گن پهريون ڀيرو 1986ع ۾ رليز ٿي هئي جڏهن ته ٽاپ گن: ماورڪ 36 سالن بعد 2022ع ۾ رليز ٿي هئي، ٻنهي فلمن ۾ ٽام ڪروز بحري پائلٽ طور ڪم ڪيو هو.
اهو اعلان ان وقت ٿيو آهي جڏهن ’ٽاپ گن 3‘ تي ڪم جاري آهي، جنهن جي تصديق سئنيما ڪان 2026 ۾ ڪئي وئي هئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽام کروز مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندو.


