جاپان جي ڏاکڻي علائقي ۾ فوجي مشق دوران افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 فوجي مارجي ويا ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٽينڪ اندر شيل ڦاٽي پيو.
اختيارين موجب، واقعو اويتا صوبي جي هيجودائي ٽريننگ ايريا ۾ پيش آيو، جتي ٻين ٽينڪن سان لائيو فائر جي مشق جاري هئي.
رپورٽ موجب ڌماڪي جي وقت ٽينڪ جي گن برج اندر موجود ٽينڪ ڪمانڊر، گنر ۽ سيفٽي آفيسر موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته ٽينڪ جو ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو.
جاپان جي گرائونڊ سيلف ڊفينس فورس جي چيف آف اسٽاف ماسايوشي ان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ٽينڪن سان لائيو فائر مشقون معطل ڪيون ويون آهن جيستائين حادثي جي مڪمل جاچ ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ٽينڪ هڪ ئي قسم جو گولا بارود استعمال ڪن ٿا.
ياد رهي ته ٽائپ 10 جاپان جو نئون مين بيٽل ٽينڪ آهي، جنهن کي 2011ع ۾ فوج ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي صلاحيت جي لحاظ کان سڀ کان اهم سمجهيو وڃي ٿو.


