اسلام آباد:
ايف بي آر ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ ۾ موثر آڊٽ ۽ انفورسمينٽ ۽ انتظامي قدمن ذريعي 778 ارب رپين جي اضافي روينيو حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي.
جنهن ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙن جي موثر آڊٽ ذريعي اضافي 92 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا.
ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال دوران لاڳو قدمن تحت 389 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن، ان رقم ۾ تمباکو جي شعبي مان 50 ارب رپين کان وڌيڪ آمدني شامل آهي، جيڪا غير قانوني ۽ اسمگل ٿيل سگريٽن خلاف جاري ڪاررواين جي نتيجي ۾ گڏ ڪئي وئي آهي.


