سوريا ڪمار ياديو کي ڪپتاني تان هٽائي ٽيم مان ڇو ڪڍيو ويو؟ سبب سامهون آيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو کي خراب فارم سبب ٽيم مان هٽائي ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سريا ڪمار ياديو کي ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽن مهينن کانپوءِ ڪپتاني تان هٽايو ويو آهي.

بي سي سي آءِ جي هڪ اعليٰ آفيسر موجب هڪ خانگي ڀارتي چينل کي ٻڌايو ته سليڪشن ڪميٽي، بي سي سي آءِ ۽ ٽيم مئنيجمينٽ ڪوچ گوتم گمڀير سان صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت کي هاڻي نئين ڪپتان سان اڳتي وڌڻ گهرجي.

هن چيو ته سوريا ڪمار جي ڪپتاني ۾ ٽيم ضرور ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيو هوندو پر سندس هاڻوڪي فارم ۽ مستقبل کي ڏسندي هر ڪنهن جو اهو خيال هو ته هاڻي اڳتي وڌڻ جو وقت آهي.

ڀارتي بورڊ هاڻي نئين ڪپتان جي مقرري ٽيم انتظاميا ۽ سليڪشن ڪميٽي سان مشاورت کانپوءِ ڪندو.

اهو فيصلو هن مهيني جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دورن کان اڳ اچي ٿو.

ڀارتي ٽيم آئرلينڊ ۾ ٻن ٽي 20 ميچن کان پوءِ انگلينڊ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.

ٻئي طرف آءِ پي ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ويڀاو سوريا ونشي کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment