ڪراچي:
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه چيو آهي ته ڏنڊ ايترو وڌو وڃي جو ماڻهو قانون ٽوڙڻ کان ڊڄن.
ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه چيو ته اي ٽڪيٽنگ جو لوڪل سافٽ ويئر صرف 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو ۽ نوجوان ماڻهن کي هن جديد سسٽم کي استعمال ڪرڻ جي خاص تربيت ڏني وئي. سنڌ حڪومت گذريل سال آڪٽوبر ۾ اي ٽڪيٽنگ سسٽم لاڳو ڪيو هو.
پير محمد شاهه چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5 مهينن دوران ٽريفڪ حادثن ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گذريل سال 445 حادثا رپورٽ ٿيا جڏهن ته هن سال هن وقت تائين 308 حادثا ٿي چڪا آهن. اهڙي طرح ٽريفڪ حادثن ۾ فوتين جو انگ 445 مان گهٽجي 345 ٿي ويو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل سال وڏين گاڏين جا 155 حادثا ٿيا جڏهن ته هن سال هن وقت تائين 75 وڏا حادثا رپورٽ ٿيا آهن. ٽريفڪ حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ به گهٽجي ويو آهي، جيڪو گذريل سال 886 هو جڏهن ته هن سال هن وقت تائين 569 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب ڪيمرا مانيٽرنگ سسٽم سان شهرين جي روين ۽ مزاج ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ سيٽ بيلٽ پائڻ جو رجحان نه هو پر هاڻ ٽيڪسي ڊرائيور به سيٽ بيلٽ پائڻ کانسواءِ گاڏي هلائڻ کان پاسو ڪن ٿا. ٽريفڪ ضابطن جي ٻٽي معيار کان ٻارن کي به پريشان ڪيو ويندو هو، ان ڪري ضروري آهي ته قانون تي برابري سان عمل ڪيو وڃي.
پير محمد شاهه چيو ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي جي ٽريفڪ سسٽم جا مثال ڏنا ويندا هئا پر گذريل 4 ڏهاڪن ۾ ٽريفڪ جو انتظام نظام لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو هو. ان صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽريفڪ فلو يونٽ ۽ ٽريفڪ ڊرون يونٽ متعارف ڪرايو ويو، جنهن کي 70 سيڪڙو ماڻهن دل سان قبول ڪيو آهي.
هن چيو ته ننڍن ٻارن جي ڊرائيونگ تي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، موٽرسائيڪل جو گهٽ ۾ گهٽ چالان اڍائي هزار رپيا هوندو. اهي ڏنڊ سنڌ حڪومت پاران قانون سازي کانپوءِ لاڳو ڪيا ويا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته شهري هيلمٽ پائيندا ته ڪڏهن به چالان نه ٿيندو. سڄي دنيا ۾ ڏنڊ وڌا ويندا آهن ته جيئن ماڻهو قانون جي ڀڃڪڙي کان بچي وڃن.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ هو ته ٽريفڪ فلو يونٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ته جيئن ٽريفڪ جام کي گهٽايو وڃي. هن چيو ته حددخلين سبب اڪثر ٽريفڪ جام ٿئي ٿي، ان ڪري 34 هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي ۽ شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
هن چيو ته ٽريفڪ فلو يونٽ روڊن تي غلط پارڪ ٿيل گاڏين خلاف ڪارروائي ڪري چالان پڻ ڪندو آهي. هن چيو ته قانون جي پاسداري اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته جيئن جديد دور جي تقاضائن کي پورو ڪري سگهجي.


