وفاقي حڪومت مالي سال جي غير منظور ٿيل لازمي خرچن جا تفصيل اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي جنهن لاءِ مجموعي طور تي 407 کرب 41 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم مختص ڪئي وئي آهي. دستاويزن موجب سڀ کان وڏي رقم ملڪي ۽ غير ملڪي قرضن ۽ انهن تي سود جي واپسي لاءِ رکي وئي آهي. ملڪ جي قرضن جي اصل رقم جي ادائگي لاءِ 259 کرب 92 ارب 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ملڪي قرضن تي سود جي ادائيگي لاءِ 69 کرب 82 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي. اهڙي طرح پرڏيهي قرضن جي ادائيگي لاءِ 58 کرب 36 ارب روپين کان وڌيڪ ۽ پرڏيهي قرضن جي سود جي ادائيگي لاءِ 10 کرب 71 ارب 39 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي. مختصر مدي جي پرڏيهي قرضن جي ادائيگي لاءِ هڪ کرب 30 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم پڻ رکي وئي آهي. سپريم ڪورٽ کي 7 ارب 44 ڪروڙ رپيا، وفاقي آئيني عدالت کي 6 ارب 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي 2 ارب 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم مختص ڪئي وئي آهي. دستاويزن موجب آڊٽ ادارن لاءِ 9 ارب 82 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ، وفاقي محتسب لاءِ 2 ارب 12 ڪروڙ 35 لک رپين کان وڌيڪ ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب لاءِ 64 ڪروڙ 55 لک رپيا رکيا ويا آهن. چونڊ مدن لاءِ 10 ارب 57 ڪروڙ 75 لک رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته گرانٽس ۽ متفرق خرچن لاءِ 57 ارب رپيا رکيا ويا آهن. پارليامينٽ جي ايوانن لاءِ قومي اسيمبلي کي 7 ارب 96 ڪروڙ رپيا ۽ سينيٽ کي 6 ارب 42 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. ان کان علاوه صدر جي سرڪاري ۽ ذاتي آفيسن جي ملازمن جي اڪائونٽس ۽ ٻين انتظامي خرچن لاءِ به فنڊ مختص ڪيا ويا آهن.
Source link

وفاقي حڪومت 407 ارب کان وڌيڪ غير منظور ٿيل لازمي خرچن جا تفصيل اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي.
Leave a Comment Leave a Comment

