آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران سان جنگ بند ڪرڻ جو فيصلو ٻين ملڪن خاص ڪري پاڪستان جي درخواست تي ڪيو.
اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي صدر چين جي دوري کان واپسي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن اهو به چيو ته آمريڪا مستقبل ۾ ايران تي ٻيهر حملو ڪري سگهي ٿو.
صدر ٽرمپ اها دعويٰ به ڪئي ته آمريڪا ايران جي فوجي صلاحيت کي لڳ ڀڳ تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر هڪ مهيني جي جنگبندي کانپوءِ شايد هو اٿي بيٺا آهن، تنهنڪري هاڻي اسان کي واپس وڃڻو پوندو ۽ ٿورو وڌيڪ ’ڪليئر اپ ڪم‘ ڪرڻو پوندو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته مان ذاتي طور تي ايران سان جنگ بندي جي حق ۾ نه آهيان پر آمريڪا اهو قدم ٻين ملڪن خاص ڪري پاڪستان جي اپيل تي کنيو آهي.
ٻئي طرف ايران آمريڪي بيانن کي نفسياتي حڪمت عملي قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاعي طاقت برقرار آهي. جيڪڏهن ايران تي ٻيهر حملو ٿيو ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ قطر پردي جي پويان سفارتي رابطن ذريعي آمريڪا-ايران جنگبندي تي ڳالهين لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن.


