هنگري جي نئين چونڊيل وزيراعظم پيٽر ميگيار واضح ڪيو آهي ته سندس حڪومت عالمي فوجداري عدالت طرفان وارنٽ جاري ڪندي ڪنهن به عالمي اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويندو.
ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پيٽر ميگيار کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن نيتن ياهو هنگري جو دورو ڪندو ته ڇا کيس گرفتار ڪيو ويندو؟ ان تي وزيراعظم واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ سندس حڪومت عالمي عدالت جي حڪم تي عمل ڪندي.
پيٽر ميگيار وڌيڪ چيو ته هن جي حڪومت بين الاقوامي فوجداري عدالت کان واپسي جي عمل کي به روڪيندي، جيڪا اڳوڻي وزيراعظم وڪٽر اوربن پاران شروع ڪئي وئي هئي. هن جي مطابق، اهو قدم مبينه طور تي ڪجهه عالمي اڳواڻن کي ممڪن قانوني ڪارروائي کان بچائڻ لاء ڪيو ويو.
وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هنگري عالمي قانون ۽ انصاف جي اصولن جي پاسداري ڪندو ۽ ڪنهن به اهڙي شخص کي تحفظ نه ڏنو ويندو جنهن خلاف جنگي ڏوهن جا بين الاقوامي وارنٽ يا ٻيا سنگين الزام هجن.
هنگري جي وزير اعظم پيٽر ميگيار اعلان ڪيو ته هو ‘نيتن ياهو’ کي گرفتار ڪري ڇڏيندو جيڪڏهن هو هنگري ۾ داخل ٿئي، زور ڀريو ته هنگري بين الاقوامي فوجداري عدالت جو ميمبر رهي ٿو ۽ ڪنهن به شخص کي ICC جي گرفتاري وارنٽ جي تابع هجڻ گهرجي ان جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ تي حراست ۾ ورتو وڃي. pic.twitter.com/PoMxs4Yykb
– قدس نيوز نيٽورڪ (@QudsNen) اپريل 20، 2026
بيان هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن عالمي سطح تي جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي بحث تيز ٿي رهيو آهي ۽ مختلف ملڪن طرفان عالمي عدالتن جي ڪردار تي به سوال اٿاريا پيا وڃن.


