سنڌ حڪومت پاران ڪاروباري ڪلاڪن تي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي: پنجاب کانپوءِ سنڌ حڪومت به ڪاروباري ڪلاڪن تي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

فيصلي جو اطلاق سڄي صوبي ۾ مارڪيٽن، شاپنگ مالز، هوٽلن، کاڌي پيتي جي دڪانن ۽ شادي هالن تي ٿيندو. صوبائي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب ڪاروباري مرڪز هاڻي بنا ڪنهن پابنديءَ جي معمول جي ڪم جا ڪلاڪ جاري رکي سگهندا.

هن چيو ته مارڪيٽن، ريسٽورنٽ ۽ شادي هالن جا مخصوص وقت اصل ۾ توانائي جي بچت ۽ سادگي واري پاليسي تحت مقرر ڪيا ويا هئا پر واپارين ۽ صنعتڪارن جي تجويزن ۽ مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي فيصلي ۾ ترميم ڪئي وئي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪاروباري سرگرمين جي فروغ، شهري سهولتن ۽ معيشت جي استحڪام تي يقين رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت هميشه مشاورت، عوامي مفادن ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪندي آهي ته جيئن ڪنهن به طبقي کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو نه پوي.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي ۽ حڪومت سندن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته ڏکين معاشي حالتن باوجود عوام ۽ واپاري برادري جي مفادن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

صوبائي وزير ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ته مستقبل ۾ اهڙا فيصلا ڪيا ويندا جيڪي معيشت، روزگار ۽ ڪاروباري سرگرمين جي بهتري ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

ٻئي طرف اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته وفاقي راڄڌاني ۾ ڪاروباري ڪلاڪن ۾ تبديلي جو ڪو به نوٽيفڪيشن ناهي ڪيو ويو، حڪومتي سادگي واري مهم تحت اسلام آباد ۾ ڪاروبار جا ڪلاڪ جاري رهندا، گردش ۾ آيل نوٽيفڪيشن جعلي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment