اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته هو 7 آڪٽوبر 2023 تي ٿيل حملي ۾ ملوث سمورن ماسٽر مائينڊن کي ختم ڪرڻ جي ويجهو آهي. اهڙو اظهار هن هفتيوار ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
نتنياهو چيو ته سندس حڪومت اڳ ۾ ئي طئي ڪري چڪي آهي ته حملي ۽ يرغمال بڻائڻ ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي هڪ هڪ ڪري نشانو بڻايو ويندو ۽ اهو مشن هاڻي پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
سندس موجب اسرائيلي فوج حماس جي فوجي ونگ جي اهم ڪمانڊر کي به مارڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته غزه پٽي جي 60 سيڪڙو حصي تي اسرائيلي فوجن جو ڪنٽرول آهي.
سندس چوڻ هو ته فوجي ڪاررواين ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ ان جو مقصد غزه کي مستقبل ۾ اسرائيل لاءِ خطرو بڻجڻ کان روڪڻ آهي.
ٻئي طرف غزه ۾ انسانيت جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. فلسطيني اختيارين موجب اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو آهي ۽ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
علائقي ۾ جنگبندي جي باوجود مسلسل ويڙهه ۽ حملن جا اطلاع آهن.
رپورٽ موجب اسرائيل 7 آڪٽوبر کان غزه جي اندر ۽ ٻاهر حماس جي قيادت ۽ ڪمانڊرن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي اعليٰ اڳواڻ مارجي ويا آهن.
جنگبندي معاهدي جي باوجود ٻنهي طرفن ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ خطي ۾ صورتحال بدستور ڇڪتاڻ واري آهي.


