اسرائيلي فوج ۾ اٿل پٿل، 12 هزار اهلڪارن جي کوٽ، خطري جي گھنٽي وڄائي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تل ابيب: اسرائيلي فوج افرادي قوت جي سخت بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي محاذن تي مسلسل دشمني ۽ ڇڪتاڻ فوجي نظام تي دٻاءُ وڌائي رهي آهي.

اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب فوج ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 12 هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي، جنهن سبب مختلف جنگي مشن ۽ سيڪيورٽي آپريشن متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

رپورٽ موجب 2025ع تائين اسرائيلي فوج ۾ 5300 عورتن جي شموليت جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ فوج ۾ عورتن جو انگ رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي.

اسرائيلي ميڊيا موجب آمريڪا، فرانس، آسٽريليا، روس، يوڪرين ۽ ٻين ملڪن جا 7 هزار ماڻهو به اسرائيلي فوج ۾ ڀرتي ڪيا ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ٻاهرين ملڪن مان يهودين کي اسرائيلي فوج ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب غزه، لبنان ۽ ٻين محاذن ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب اسرائيلي فوجي نظام تي سخت دٻاءُ آهي، جڏهن ته 7 مختلف محاذن تي هڪ ئي وقت سڪيورٽي صورتحال سبب فوجي وسيلن تي به خراب اثر پيو آهي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊگهي ڊيوٽي جي ڪري رزرورز ۾ ٿڪ ۽ ذهني دٻاءُ وڌي رهيو آهي. ٻئي طرف اسرائيلي فوج به لازمي فوجي سروس جي مدي ۾ واڌ لاءِ نئين قانون سازي جو مطالبو ڪيو آهي.

فوجي اختيارين موجب موجوده افرادي قوت جنگي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي ۽ جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسرائيلي فوج کي وڌيڪ سنگين بحران کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment