ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ 2 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ سون جو في اونس اگهه 9 ڊالرن جي واڌ کانپوءِ اڄ 4 هزار 548 ڊالرن جو ٿي ويو آهي ۽ سومر جي ڏينهن مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ سون جو في تولو اگهه 900 رپيا اضافي سان 4 لک 77 هزار 162 رپيا ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جي في 10 گرام جو اگهه 772 رپيا وڌي 4 لک 9 هزار 89 رپيا ٿي ويو.
ان کان علاوه عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 26 سينٽ جي واڌ سان 76 ڊالر 15 سينٽس، مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 26 رپيا 8 هزار 99 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه به 6 هزار 943 رپيا 22 پئسا واڌ سان 6 هزار 943 رپيا ٿي ويو آهي.


