ڪراچي ۾ نئين تعميراتي شاهڪار؛ پاڪستان جي بلند ترين عمارت ”برج قائد“ جو معاهدو ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


شهر قائد لاءِ هڪ ٻي اهم پيش رفت سامهون آئي آهي، جنهن موجب پاڪستان جي بلند ترين عمارت برج قائد جي تعمير جو باضابطه معاهدو ٿي ويو آهي.

ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي ۽ اي بي ايس ڊولپرز وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن تحت 82 ماڙ منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

منصوبي موجب 941 فٽ اونچي برج قائد پاڪستان جي سڀ کان وڏي عمارت هوندي جيڪا ڪراچي ۾ ڊي ايڇ اي سٽي اندر ٺاهي ويندي. جديد آرڪيٽيڪچر جي بنياد تي هي پروجيڪٽ اٽڪل 6 ايڪڙ زمين تي مشتمل هوندو ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ لاءِ 6 سالن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.

سول ايوي ايشن اٿارٽي پاران منصوبي لاءِ 941 فوٽ اونچائي جو اين او سي پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ABS ڊولپرز پروجيڪٽ تي بين الاقوامي ماهرن ۽ صلاحڪارن جي نگراني هيٺ ڪم ڪندا.

”برج قائد“ جي اڏاوت سان ڪراچي ۾ جديد شهري انفراسٽرڪچر کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان منصوبي کي پاڪستان ۾ جديد ترقيءَ جي هڪ نئين دور جي شروعات سمجهيو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment