تواريڪي اسٽيل ملز کي 20 سالن کانپوءِ گئس فراهم ڪرڻ جي منظوري

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

اسپيشل انويسٽمينٽ فيڪلٽيشن ڪائونسل گئس جي فراهمي جي منظوري ڏني آهي، جيڪا اسٽيل جي پيداوار لاءِ هڪ اهم ضرورت سمجهي ويندي آهي، تقريبن ٻن ڏهاڪن کان روڪيل ڪشڪر سعودي گروپ جي توريقي اسٽيل منصوبي کي بحال ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي.

اهو منصوبو اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ شروع ڪيو ويو هو پر رعايتي اگهن تي گئس جي فراهمي تي تڪرار سبب اهو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو، هاڻ موجوده حڪومت منصوبي کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اقتصادي رابطا ڪميٽي اسٽيل مل کي گيس جي فراهمي جي منظوري ڏيندي واضح ڪيو ته گئس جي دستيابي ۽ معاشي ترجيحن کي نظر ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته پاڪستان حڪومت گئس جي مسلسل فراهمي جي ڪنهن به ذميداري هيٺ نه هوندي.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مستقبل ۾ 10 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌيڪ گئس حاصل ڪندڙ وڏن صنعتي صارفين جا ڪيس اي سي سي آڏو پيش ڪيا ويندا.

گڏوگڏ، پيٽروليم ڊويزن کي 2005 جي قدرتي گئس جي الاٽمينٽ پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. SIFC جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي نيشنل اسٽيل ڪمپليڪس لاء 50 MMcfd گيس جي دستيابي، گهٽ قيمتن تي فراهمي ۽ گئس جي قيمت لاء الڳ صنعتي ڪيٽيگري ٺاهڻ جي سفارشن کي پڻ ورجايو.

بعد ۾ پيٽروليم ڊويزن فيبروري 2025ع ۾ اي سي سي کي 1900 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي حساب سان 45 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪرڻ لاءِ سمري موڪلي هئي پر ناڻي واري وزارت ۽ منصوبابندي واري وزارت ان تجويز جي حمايت نه ڪئي، جنهن سبب معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر ٿڏي ويو.

سوئي سدرن گيس ڪمپني موجب نيشنل اسٽيل ڪمپليڪس کي اوگرا جي مقرر ڪيل ريٽ تي 40 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي آڇ ڪئي وئي پر ڪمپني قبول نه ڪئي.

SIFC SSGC کي 45 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي فراهمي لاءِ 10 سالن جو ليٽر آف ٽرسٽ ايگرينٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن ۾ وڌيڪ 10 سالن جي واڌ جي گنجائش آهي.

اي سي سي کي ٻڌايو ويو ته حڪومت قدرتي گئس جي ترجيحي فراهمي جي پاليسي ۾ گهريلو ۽ ڪمرشل شعبن سان گڏ صنعتن کي پهرين ترجيحي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن تحت نيشنل اسٽيل ڪمپليڪس کي گئس جي فراهمي لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي.

پيٽروليم ڊويزن تجويز ڪئي ته ايس ايس جي سي نيشنل اسٽيل ڪمپليڪس کي صنعتي ضرورتن لاءِ 40 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ ٻيو 5 ايم ايم سي ايف ڊي بجلي جي پيداوار لاءِ گئس ۽ ٽيرف جي مقرر شرحن تي فراهم ڪري، جنهن کانپوءِ پارٽيون گئس فراهمي جي معاهدي جي شرطن کي حتمي شڪل ڏين.





Source link

Share This Article
Leave a Comment