انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان مائيڪ سمٿ 92 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، اڳوڻو ڪپتان، جنهن کي سندس ابتڙ ”ايم جي ڪي“ سان به سڃاتو ويندو آهي، واريوڪ شائر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب موجب سومر تي لاڏاڻو ڪري ويو. ساڄي هٿ جي بيٽسمين مائڪ سمٿ 1958ع ۾ انگلينڊ لاءِ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هن مجموعي طور 50 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، جن مان 25 ۾ هن ٽيم جي ڪپتاني ڪئي. ڪلب سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو ته ”واروڪ شائر بيئرز جي ليجنڊ ايم جي ڪي سمٿ جي لاڏاڻي تي ڏاڍو ڏک ٿيو. پنهنجي شاندار فرسٽ ڪلاس ڪيريئر ۾ هن 637 ميچن ۾ 39 هزار 832 رنسون ٺاهيون، جيڪو هن وقت تائين جي تاريخ ۾ 18 هون سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪندڙ رانديگر آهي. مائڪ سمٿ صرف ڪرڪيٽ تائين محدود نه رهيو پر 1964ع ۾ انگلينڊ جي رگبي يونين ٽيم جي نمائندگي به ڪيائين، بعد ۾ هو 1991ع کان 1996ع تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جو ميچ ريفري به رهيو.
Source link

انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان مائيڪ سمٿ لاڏاڻو ڪري ويو
Leave a Comment Leave a Comment

