سڄي ملڪ ۾ مخصوص وقتن تي سم ڪارڊن جي وڪري تي پابندي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ ۾ غير قانوني سمن جي جاري ٿيڻ کي روڪڻ ۽ سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ سموري ملڪ ۾ موبائل فون ڪمپنين تي رات 12 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين سم ڪارڊ وڪڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پي ٽي اي موجب سمورين موبائيل فون ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ سم ڪارڊن جو وڪرو رات 12 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين بند ڪيو وڃي. پي ٽي اي موجب سموريون بااختيار فرنچائزز، پرچون فروش ۽ ٻيا سيلز پوائنٽ انهن ڪم جي ڪلاڪن جي نگراني جا ذميوار هوندا، ٽيلي ڪام رولز تحت هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي ويندي. اختيارين شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي مخصوص ڪلاڪن دوران صرف بااختيار مرڪزن تان سم خريد ڪن ۽ سم کي فعال ڪرڻ کان پهريان بايو ميٽرڪ تصديق مڪمل ڪرڻ لازمي آهي. PTA عوام کي اپيل ڪئي آهي ته انهن هدايتن جي ڪنهن به خلاف ورزي جي فوري طور تي PTA شڪايت مينيجمينٽ سسٽم، PTACMS ايپ، ڊجيٽل اسسٽنٽ واٽس اپ يا ٽول فري نمبر ذريعي رپورٽ ڪن. پي ٽي اي جي ترجمان موجب اهو قدم صارفين جي مفادن جي تحفظ، سمز جي غلط استعمال کي روڪڻ ۽ ملڪ ۾ محفوظ ۽ شفاف ٽيلي ڪام ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment