آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته هن خليجي ملڪن جي سربراهن جي درخواست تي اڄ ايران تي تجويز ڪيل فوجي حملي کي ملتوي ڪيو.
عالمي خابرو اداري موجب صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته هي حملو اڄ ٿيڻو هو، جنهن لاءِ سموريون فوجي تياريون مڪمل آهن.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته قطر جي امير تميم بن حمد، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ اماراتي صدر محمد بن زيد النهيان يقين ڏياريو ته ايران سان سنجيده ڳالهيون جاري آهن.
صدر ٽرمپ موجب اهڙو معاهدو ممڪن آهي جيڪو آمريڪا، وچ اوڀر ۽ ٻين لاڳاپيل ملڪن لاءِ قابل قبول هوندو، جنهن جي سڀ کان اهم شرط اها هوندي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته هن آمريڪي بچاءَ واري سيڪريٽري پيٽ هيگسٿ ۽ ٻين فوجي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايران تي حملي کي في الحال روڪين، پر ٽرمپ اهو به خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن قابل قبول معاهدو نه ٿيو ته آمريڪي فوج ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪندي.
واضح رهي ته آمريڪي ۽ مغربي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي فوج ايران خلاف محدود ۽ وڏي پيماني تي فوجي ڪارروائي لاءِ مختلف آپشن تيار ڪري رکيا هئا.
ڪجهه رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته نار ۾ آمريڪي نيوي ۽ ايئر فورس کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسرائيل به گڏيل گڏيل ڪارروائي تي غور ڪري رهيو آهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته قطر، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات وڏي جنگ کان بچڻ چاهين ٿا ڇو ته ايران سان سڌي جنگ سڄي خليج خطي، عالمي تيل جي واپار ۽ معيشت لاءِ تباهي آڻي سگهي ٿي.


