مظفر ڳڙهه:
ملتان روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اسپيشل برانچ جو انسپيڪٽر حسنين سجاد شاهه فوت ٿي ويو.
ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن انسپيڪٽر ڊيوٽي مڪمل ڪري موٽرسائيڪل تي مظفر ڳڙهه ۾ پنهنجي گهر واپس وڃي رهيو هو ته رستي ۾ تيز رفتار ٽرڪ کيس ٽڪر هنيو.
حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي اعليٰ آفيسر اسپتال پهچي ويا ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
ڊي پي او سيد غضنفر علي شاهه مقتول آفيسر کي ايماندار ۽ فرض شناس قرار ڏيندي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو.
سندس جنازي نماز اڄ صبح 9 وڳي پوليس لائنز ۾ ادا ڪئي ويندي.


