ناروي جي راڄڌاني اوسلو ۾ گڏيل پريس بريفنگ دوران ڀارتي وزيراعظم مودي کي ان وقت غير متوقع صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن هڪ عورت صحافي آزاد ميڊيا ۽ بنيادي حقن بابت سنگين سوال اٿاريا.
رپورٽن مطابق ناروي جي وزيراعظم سان گڏيل بريفنگ جي پڄاڻي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي صحافين کان سوال کڻڻ کانسواءِ روانو ٿيڻ شروع ڪيو، جنهن تي ناروي جي صحافي هيل لنگ زور زور سان سوال ڪيو ته مودي دنيا جي آزاد ميڊيا کي منهن ڇو نٿو ڏئي؟
اکين ڏٺن شاهدن موجب صحافي ٻيهر سوال پڇڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان دوران لفٽ جو دروازو بند ڪيو ويو ۽ ڀارتي وزيراعظم اتان روانو ٿي ويو.
بعد ۾ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي پريس بريفنگ دوران ميڊيا جي آزادي ۽ انساني حقن جي معاملي تي سخت لفظن جو اظهار ڪيو ويو.
هندستان جو وزيراعظم نريندر مودي منهنجو سوال نه کڻندو، مون کي ان کان اها اميد نه هئي.
ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ ناروي نمبر ون نمبر تي آهي، ڀارت 157 نمبر تي آهي، فلسطين، امارات ۽ ڪيوبا سان مقابلو ڪري ٿو.
اهو اسان جو ڪم آهي انهن طاقتن کان سوال ڪرڻ جن سان اسان تعاون ڪريون ٿا… pic.twitter.com/vZHYZnAvev
– Helle Lyng (@HelleLyngSvends) مئي 18، 2026
عورت صحافي سوال ڪيو ته جڏهن ڀارت تي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين جا الزام آهن ته ناروي ڀارت تي ڪيئن اعتماد ڪندو ۽ وزيراعظم مودي آزاد سوالن کي ڪڏهن قبول ڪندو؟
رپورٽن مطابق ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سوال جو سڌو سنئون جواب ڏيڻ بدران ٻئي صحافي کي ايندڙ سوال جو موقعو ڏنو، جنهن تي عورت صحافي ڪاوڙ ۾ اچي هال مان نڪري وئي.
بعد ۾ هيل لنگ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته کيس اميد هئي ته ڀارتي وزيراعظم سندس سوال نه کڻندو.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ ناروي پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت 157 هين نمبر تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي طاقتور حڪومتن کان سوال ڪرڻ آزاد صحافت جي ذميواري آهي.
اهو واقعو سوشل ميڊيا تي به جلدي وائرل ٿي ويو، جتي ڪيترن ئي صارفين ميڊيا جي آزادي ۽ جمهوري قدرن تي بحث ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.


