پاڪستاني ثالثي جاري آهي، آمريڪا جي نئين تجويزن جو تفصيل سان جائزو ورتو پيو وڃي، ايراني پرڏيهي وزارت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا کان نيون تجويزون مليون آهن ۽ ايران انهن تجويزن جو تفصيلي جائزو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني ثالثن ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.

ميڊيا بريفنگ دوران اسماعيل بقائي چيو ته ايران بنيادي طور تي پنهنجا حق گهرندو رهيو آهي ۽ انهن حقن ۾ ايران تي آمريڪي پابنديون هٽائڻ به شامل آهي.

هن چيو ته آمريڪا کي پنهنجي نيڪ نيتي جو ثبوت ڏيڻ گهرجي ۽ ايراني جهازن خلاف آپريشن بند ڪرڻ گهرجي، جنهن کي ايران ’بحراني‘ سڏي ٿو.

ترجمان موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ايران پاران پيش ڪيل 14 نقطن جي بنياد تي پيغامن جو تبادلہ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪستان ان سفارتي عمل ۾ اهم ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته محسن نقوي هن وقت ايران ۾ آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيغامن جي مٽاسٽا کي آسان بڻائي سگهجي.

اسماعيل بقائي وڌيڪ چيو ته ايران عمان ۽ ٻين عالمي تنظيمن سان گڏجي آبنائے هرمز جي پائيدار سلامتي لاءِ هڪ موثر ميڪنزم قائم ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ايران خطي ۾ ڪمرشل ۽ آئل ٽينڪرز جي آمد و رفت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ٻين ملڪن جي تعاون سان محفوظ ميري ٽائيم ٽريفڪ پروٽوڪول تيار ڪرڻ لاءِ به تيار آهي.

ماهرن موجب ايران، آمريڪا ۽ نار جي علائقي وچ ۾ جاري سفارتي سرگرميون وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ عالمي توانائي مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment