سون جي اگهن ۾ هڪ ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ وڏي ريلي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ هڪ ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ سون جي اگهن ۾ وڏو اضافو ٿيو.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي في اونس قيمت ۾ 50 ڊالرن جو اضافو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ نئين عالمي قيمت 4 هزار 530 ڊالر في اونس جي سطح تي پهچي وئي.

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن 24 ڪيريٽ سون جو في تولو اگهه 5 هزار رپيا واڌ سان 4 لک 75 هزار 362 رپيا ٿي ويو.

اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جو في 10 گرام اگهه 4287 رپيا اضافي سان 4 لک 7 هزار 546 رپيا ٿي ويو.

ان کان علاوه ملڪ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 60 رپيا وڌي 8 هزار 34 رپيا ۽ چاندي جي في 10 گرام جو اگهه به 51 رپيا وڌي 6 هزار 887 رپيا ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 68 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4480 ڊالر في اونس ۽ مقامي سطح تي 6800 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 70 هزار 362 رپيا في تولا ۽ 5830 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 3 هزار 259 رپيا في 10 گرام ٿي ويو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment