چين ۽ روس افغانستان مان پکڙجندڙ دهشتگردي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
طالبان جي حڪومت پنهنجي ناجائز حڪمراني قائم رکڻ لاءِ عالمي دهشتگرد تنظيمن کي اسپانسر ڪرڻ جي خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي. چين ۽ روس افغانستان مان دهشتگردي کي علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو آهي.
چيني صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن وچ ۾ ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب افغان سرزمين مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي پاڙيسري ملڪن ۽ عالمي امن لاءِ خطرو آهي.
گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن، مستحڪم سياسي امن ۽ سلامتي جو فوري قيام ناگزير آهي. ان کان علاوه عالمي برادري تي به زور ڏنو ويو ته هو افغان سرزمين کي پاڙيسري ملڪن خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ تعاون وڌائي.
عالمي ماهرن موجب طالبان حڪومت پاران دهشتگرد گروپن جي سرپرستي نه رڳو افغانستان پر سڄي خطي جي امن لاءِ مستقل خطرو بڻجي وئي آهي. روس ۽ چين جو گڏيل پڌرنامو پاڙيسري ملڪن خلاف افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ بابت پاڪستان جي اصولي موقف جي حمايت ڪري ٿو.


