بئنڪن جي بااختيار شاخن کي ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رکڻ جو حڪم، ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جي وصولي لاءِ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي درخواست تي بينڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سرڪاري ڊيوٽي ۽ ٽيڪس جي وصولي لاءِ 23 (ڇنڇر) ۽ 24 مئي 2026 تي پنهنجون بااختيار برانچون کليل رکن. نيشنل بئنڪ جون برانچون جيڪي جمع ڪرائڻ جو ڪم ڪنديون آهن) جيڪي ڇنڇر، 23 مئي ۽ آچر 24 مئي 2026 تي صبح 9:00 کان منجهند 3:00 وڳي تائين کليل هونديون. بينڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي 24 مئي 2026 تي پنهنجون لاڳاپيل برانچون کليل رکن، جيستائين حڪومتي ٽرانزيڪشن لاءِ خاص ڪليئرنگ سهولت گهربل آهي، سرڪاري ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي آن لائن ادائيگي کي آسان بڻائڻ لاءِ آن لائين ادائيگي جا چينل يعني انٽرنيٽ بئنڪنگ، موبائيل ايپليڪيشن، اي ٽي ايم ۽ ٻيا ڊجيٽل پليٽ فارمز بنا ڪنهن وقفي جي خدمتون فراهم ڪندا رهندا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment